پيٺو/ ولائتي گدرو

پيٺو/ ولائتي گدرو

پيٺو ولائتي گدرو

پيٺو/ ولائتي گدرو: پيٺي کي انگريزيءَ ۾ Ash Gourd/White Pumpkin، لاطينيءَ ۾ Benin Easa Hispida، عربيءَ ۾ محدبه، فارسيءَ ۾ بزدبه، سنسڪرت ۾ ڪوشماند، گجراتيءَ ۾ پدڪولون، هنديءَ ۾ پيٺا ۽ بنگاليءَ ۾ چاڪ مورا چيو ويندو آهي. هن جو تعلق Cucurbitaceae جي آڪهه سان آهي.
هي هڪ مشهور ڦل آهي. جنهن جي ول ٿيندي آهي. هن جا پن وڏا چئن کان ڇهه سينٽي ميٽر ڊگھا ۽ گجيارا ٿين ٿا. هن جو ڦل ڀاڄيءَ ۽ دوا طور استعمال ٿيندو آهي. ٻج دوا يا طبي مقصدن لاءِ واپرايا وڃن ٿا. هن جو حلوو ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو مقوي، بدن ۽ دل کي فرحت ڏئي ٿو. هن جو ڦل گدري وانگر هوندو آهي، پر ڊيگھه ۾ وڏو ۽ ويڪرو، گھٽ ۾ گھٽ پنج ست ڪلو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ گھٽ، پر پنجاب ۾ ڪثرت سان پوکيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو